پاٽينجر هينري

پاٽينجر هينري

پاٽينجر هينري

پاٽينجر هينري (Pottinger Henry ):مشهور ڪتاب ’ٽرئولس اِن بلوچستان اينڊ سنڌ‘ جو ليکڪ، سر هينري پاٽنجر، 3 آڪٽوبر 1789ع تي آئرلينڊ جي برڪنڪشائر جي ڳوٺ مائونٽ پاٽنجر ۾ ڄائو. بيلفاسٽ اڪيڊميءَ ۾ تعليم ورتائين، ٻارهن ورهين جي عمر ۾ پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي، سمنڊ جي سير تي نڪتو. 14 سالن جي عمر ۾ هندستان لاءِ روانو ٿي، 1803ع ڌاري مئرين سروسز ۾ قدم رکيائين ۽ پوءِ ڏيهي فوج ۾ ڀرتي ٿيو. ان دوران ڏيهي زبانن جو مطالعو به ڪندو رهيو ۽ ڪجهه عرصي لاءِ استاد به ٿي رهيو. سندس طبيعت ۾ پختگي تڏهن آئي، جڏهن 1806ع ۾ هڪ ساٿيءَ هئنڪي سمٿ سان گڏجي سنڌ مشن تي آيو. اها سنڌ ملڪ سان سندس پهرين ڏيٺ ويٺ هئي، پوءِ آهستي آهستي ملازمت ۾ ترقي ڪيائين. سيپٽمبر 1808ع ۾ سنڌ کان موٽڻ بعد جولاءِ 1809ع ۾ ليفٽيننٽ ٿيو. اهڙيءَ طرح کيس مهم جوئيءَ ۽ جاسوسيءَ جو شوق جاڳيو ۽ 1810ع ڌاري سنڌ، بلوچستان ۽ ايران جي مهم تي نڪتو. آڪٽوبر 1821ع ڌاري ڪئپٽن جو عهدو ماڻيائين. ’مرهٽا‘ جنگ ۾ ڀرپور حصو وٺي، جنگ ختم ٿيڻ تي احمد نگر جو ڪليڪٽر ٿيو. اهڙيءَ طرح 1825ع ۾ ڪڇ جو ريزيڊنٽ آفيسر، مارچ 1829ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ جنوري 1834ع ۾ ڪرنل جي عهدي جون ترقيون ماڻي ورتائين. ڪڇ ۾ رهندي، سنڌ جي معاملن ۾ گهري دلچسپي ورتائين. ’برنس‘ برادران کي هن ئي سنڌ موڪليو هو. 1834ع کان 1840ع تائين سنڌ ۾ برطانوي ايلچيءَ وارين خدمتن ڏيڻ عيوض اپريل 1840ع ۾ ’سر‘ جو لقب ماڻيائين. سنڌ ڇڏڻ کان پوءِ چين ۾ آفيم واريءَ مهم ۾ حصو ورتائين. اپريل 1843ع ۾ هانگ ڪانگ جو پهريون برطانوي گورنر مقرر ٿيو. آگسٽ 1847ع کان 1854ع تائين مدراس جي گورنر جي عهدي تي رهيو. اهڙيءَ طرح 1851ع ۾ آخري فوجي ترقي وٺي ’ليفٽيننٽ جنرل‘ ٿيو ۽ برطانوي تاج لاءِ شاندار خدمتن عيوض 1845ع کان ’هائوس آف ڪامنس‘ طرفان ’پاٽينجر‘ لاءِ تاحيات 1500 پائونڊ ساليانو وظيفو مقرر ڪيو ويو. 1854ع ڌاري سخت بيماريءَ سبب مدراس جي گورنر وارو عهدو ڇڏي انگلنڊ موٽيو ۽ 18 مارچ 1856ع تي وفات ڪيائين.هينري پاٽينجر 19 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ مشهور زمانه ’سنڌ مشن‘ تي ميرن جي درٻار ۾ آيو هو ۽ سنڌ ملڪ بابت اهم معلومات گڏ ڪئي هئائين، جيڪا جڳ مشهور ”سمٿ رپورٽ“ جي نالي سان شايع ٿي. 1809ع ۾ جڏهن سر جان مالڪوم جي ايران مهم ناڪام ٿي ته پاٽينجر پنهنجي دوست چارلس ڪرسٽيءَ سان گڏ سنڌ، بلوچستان ۽ ايران بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جو منصوبو رٿي حڪومت کي مهم جوئيءَ لاءِ درخواست ڏني. ڪمپني سرڪار کي انهن ملڪن جي مستند معلومات جي ته اڳ ئي سخت ضرورت هئي، تنهنڪري ٻنهي کي اُن مهم لاءِ خوشيءَ سان موڪل ملي وئي. ٻئي ويس مٽائي، ٻه ڏيهي نوڪر ساڻ ڪري، گهوڙن جا واپاري بڻجي، 2 جنوري 1810ع تي سمنڊ رستي بمبئيءَ کان اولهه طرف روانا ٿيا. جيئن ته ٻئي سنڌ ۾ سفارتڪار ٿي آيا هئا، ان ڪري ماڻهن کي منجهن برطانوي ڪارندن ۽ جاسوس هئڻ جو شڪ جاڳيو، پر هو منزلون ماڻيندا، لسٻيلي، سنڌ ۽ قلات بابت معلومات هٿ ڪندا، ڪاميابيءَ سان ’نوشڪيءَ‘ کان اچي نڪتا، جتان ڪرسٽي هرات روانو ٿيو ۽ پاٽينجر ٻيو رستو وٺي، ڪرمان ۽ شيراز کان ٿيندو، اصفهان ۾ ڪرسٽيءَ سان وڃي مليو. ڪرسٽي اصفهان ۾ رهي پيو ۽ 1812ع ڌاري روسي حملي ۾ مارجي ويو. جڏهن ته پاٽينجر، اصفهان ڇڏي، بغداد ۽ بصري کان ٿيندو، سلامتيءَ سان فيبروري 1811ع ۾ مهم کي ڪاميابيءَ سان پورو ڪري، بمبئيءَ وڃي پهتو ۽ پنهنجي مهم جو پيرائتو احوال لکي هڪ رپورٽ جي شڪل ۾ حڪومت آڏو پيش ڪيائين؛ جيڪا رپورٽ 1816ع ۾ ’ٽرئولس ان بلوچستان اينڊ سنڌ‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌري ٿي. جڏهن 1825ع ۾ پاٽينجر کي ڪڇ جي ريزيڊنٽ جو وڏو عهدو مليو ته هو سنڌ جي وسيع، سرسبز، شاهوڪار ۽ شاداب ملڪ ۾ گهڻي دلچسپي وٺڻ لڳو. اهڙيءَ طرح 1827ع ۾ ڊاڪٽر برنس ۽ سندس ننڍي ڀاءُ اليگزينڊر برنس کي 1831ع ۾ سندس صلاح ۽ منظوريءَ سان سنڌ موڪليو ويو. اهي ٻئي ڀائر، پاٽينجر جي ماتحتيءَ ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر هئا. پاٽينجر 1832ع ۾ باقاعدي ايلچيءَ جي حيثيت ۾ سنڌ جي درٻار ۾ داخل ٿيو ۽ ٽالپر حڪمرانن سان دوستيءَ جو معاهدو ڪيائين، جنهن تحت سنڌو درياهه ۾ جهازراني ۽ واپاري لاڳاپا سرفهرست هئا. 1834ع کان پاٽينجر باقاعدي برطانوي حڪومت جو مستقل ايلچي بڻجي سنڌ جي درٻار ۾ رهڻ لڳو. وڏن ميرن ۽ شهزادن جي وچ ۾ اڻبڻت ۽ جهيڙن جهڳڙن جا نبيرا به هاڻ پاٽينجر حل ڪرڻ لڳو. جڏهن 1838ع ۾ سر جان ڪِين جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن جو لشڪر سنڌ مان لنگهڻو هو، تڏهن ان ڏکئي وقت ۾ پاٽينجر حيدرآباد واري درٻار ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ سندس تحريڪ سان برطانيه سرڪار ۽ ٽالپر حڪمرانن جي وچ ۾ 1839ع وارو 14 نقطن تي مشتمل هيٺيون ٺاهه عمل ۾ آيو:”جيئن ته وقت به وقت برطانوي سرڪار۽ سنڌ جي اميرن جي وچ ۾ دوستيءَ ۽ مفاهمت جا عهدناما ٿيندا رهيا آهن ۽ جيئن موجوده حالتن موجب انهن تي نظرثاني ڪرڻ لازمي ٿي پيو آهي ۽ جيئن ته هڪ جدا معاهدو برطانوي سرڪار ۽ مير رستم خان خيرپور واري جي وچ ۾ طئي ٿيو آهي، انهيءَ کي سامهون رکندي متفقه راءِ سان فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته:(1) انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ حيدرآباد جي اميرن، هر هڪ مير نور محمد خان، مير ميرمحمد خان ۽ مير صوبدار خان جي وچ ۾ دائمي دوستي ۽ مفاهمت جا رشتا رهندا.(2) سنڌ ۾ برطانوي لشڪر رکيو ويندو، جيڪو ٺٽي ۾ يا سنڌو درياهه جي اولهه پاسي اهڙي هنڌ رکيو ويندو، جنهن جو تعين هندستان جو گورنر جنرل ڪندو. گورنر جنرل لشڪر جو تعداد به مقرر ڪندو، جيڪو 5000 جنگجو جوانن کان مٿي نه هوندو. (3) مير نورمحمد خان، مير نصير محمد خان ۽ مير مير محمد خان هر هڪ سنڌ ۾ برطانوي لشڪر جي ڀَتي طور ساليانو هڪ لک رپيا ادا ڪندا، جيڪو مجموعي طور ڪمپنيءَ جي ٽن لکن باکرو يا تيموري سڪي جي برابر هوندو. مير صوبدار خان اُن ڀتي ڏيڻ کان آجو هوندو.(4) حيدرآباد جي اميرن جي ملڪ کي ٻاهرين حملن کان بچاءَ جو ذمو برطانوي حڪومت جو هوندو.(5) هن معاهدي تي صحيح ڪندڙ چارئي امير پنهنجن پنهنجن علائقن جا خودمختيار حاڪم هوندا. برطانوي حڪومت جو مٿن ڪوبه ضابطو نه هوندو. برطانوي حڪومت جا آفيسر، اميرن خلاف سندن رعيت مان ڪنهن جي به شڪايت نه ٻڌندا.(6) مٿين شقن ۾ ڏيکاريل چارئي امير هڪٻئي خلاف شڪايت جي دانهن برطانوي ريزيڊنٽ (يعني پاٽنجر) کي ڏيندا ۽ هو گورنر جنرل جي رضامنديءَ سان اهڙين شڪايتن جو فيصلو ڪندو.(7) هڪ امير جي رعيت ٻئي امير جي حد ۾ زورآوري نه ڪندي ۽ متاثر رعيت جو امير، ان قسم جي زيادتيءَ جي ازالي جي خود سگهه نه ساري سگهندو ته برطانوي ريزيڊنٽ معرفت گورنر جنرل کي دادرسيءَ لاءِ درخواست ڪندو ته ضروري حالتن ۾ گورنر جنرل اهڙي زيادتيءَ جي جوڳي سزا ٻڌائيندو.(8) سنڌ جا امير ڪنهن ٻاهرينءَ طاقت سان برطانوي حڪومت جي ڄاڻ ۽ اجازت کان سواءِ لهه وچڙ ۾ نه ايندا، باقي پنهنجن دوستن ۽ عزيزن ڏانهن عام خط و ڪتابت ڪري سگهندا.(9) سنڌ جا امير بچاءَ خاطر برطانوي حڪومت جا ماتحت ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي رهندا ۽ ان مقصد لاءِ برطانوي سرڪار جي حڪم هيٺ 3000 هزار لشڪر (گهوڙيسوار ۽ پيادل) فراهم ڪيا ويندا. اهو لشڪر برطانوي آفيسر جي ڪمانڊ هيٺ رهندو. سنڌ کان ٻاهر جيڪڏهن سنڌي فوج جا دستا رکيا ويندا ته برطانوي سرڪار انهن جو خرچ خود برداشت ڪندي.(10) سنڌ ۾ هلندڙ باکرو يا تيموري سڪن سان گڏ انهن جي مُلهه برابر ڪمپني بهادر جو سڪو به هلندو.(11) سمنڊ کان وٺي اتر ۾ حيدرآباد جي اميرن جي حد اندر سنڌو درياهه تي واپاري ٻيڙين کان ڪوبه محصول نه اوڳاڙيو ويندو.(12) اگر واپاري ٻيڙين مان درياهه تي اوڀارو يا لهوارو سامان لاهي ڪٿي به وڪرو ڪيو ويندو ته اُن تي رواجي محصول لاڳو ٿيندو. جڏهن ته برطانوي ڪئمپ يا ڇانوڻيءَ لاءِ وڪامجندڙ سامان تي ڪوبه محصول نه لڳندو. (13) درياهه جي ڇوڙ (گهوڙاٻاري) وٽ مناسب موسم ۾ واپاري يا ٻيا سامان آڻيندا رهندا ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق گڏ ڪندا رهندا ۽ سال جي موزون حصي ۾ انهن جي چرپر ڪري سگهندا ۽ ڪوبه واپاري گهوڙاٻاري يا ٻئي هنڌ سامان لاهي وڪرو ڪندو (برطانوي ڇانوڻيءَ کان سواءِ) ته هو رائج محصول ڀريندو.(14) هندستان جي گورنر جنرل ۽ سنڌ جي اميرن جهڙوڪ مير نورمحمد خان ۽ مير نصير محمد خان جي وچ ۾ ٿيل هيءُ معاهدو، ٻنهي ڌرين تي لازمي ۽ دائمي طور لاڳو ٿي وڃي ٿو. هندستان جون ايندڙ حڪومتون ۽ ميرن جا وارث يا جاءِ نشين پڻ هن معاهدي تي قائم رهندا. ڌرين جي وچ ۾ هن کان اڳ ٿيل معاهدا به برقرار رهندا. چوڏهن شقن تي مشتمل هيءُ معاهدو عزت ماب جارج لارڊ آڪلنڊ هندستان جي گورنر جنرل تاريخ 11 مارچ 1839ع تي صحي ڪيو. حيدرآباد ۾ برطانوي ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر انهيءَ دستاويز جون چار ڪاپيون ٺاهي، پنهنجي صحي ۽ مهر لڳائي، سنڌ جي چئني اميرن کي فراهم ڪندو.“[هيءُ معاهدو لنڊن جي معروف اخبار ”ٽائيمس“ جي صفحي 6 تي، 9 جون 1843ع تي ڇپيو.] اهڙيءَ طرح پاٽنجر جي 1810ع کان 1825ع تائين جي دور ۾ سنڌ کي جيڪي هاڃا رسيا، تن جو مختصر وچور پيش ڪجي ٿو: برنس برادران جو سنڌ ۾ جاسوسي ڪرڻ؛ سنڌو درياهه جي خفيه سروي؛ شڪارپور ۽ اتر سنڌ جا علائقا شاهه شجاع طرفان ڦٻائڻ؛ انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جو قيام؛ ميرن جي وچ ۾ جهڳڙن کي هوا ڏيئي کين ڪمزور ڪرڻ؛ ايتري قدر جو خيرپور جي ڀائرن مير رستم خان ۽ مير علي مراد جي وچ ۾ خونريز لڙايون لڳيون؛ منهوڙي جي قلعي ۽ ٻيٽ تي قبضو؛ بکر جو قلعو پهرين اڌاري طور وٺي ۽ پوءِ ان تي مستقل قبضو ڪرڻ؛ ڪراچيءَ ۾ انگريز فوجي ڪئمپ ۽ ڇانوڻيءَ جو قيام؛ انگريز ڇانوڻيءَ ۾ سامان جي فروخت تي محصول جو خاتمو؛ حيدرآباد جي ميرن جي هٿ هيٺ علائقن ۾ پنج هزار انگريز فوج رکڻ جي اجازت ۽ ڀتي لاءِ ساليانو ٽي لک ڀري ڏيڻ؛ حيدرآباد واري انگريز ڪئمپ تي حملي جو زوريءَ ميرن مٿان ڏنڊ مڙهڻ ۽ سنڌ جي آزاديءَ تي ناپاڪ حملو وغيره. هي سڀ ڪم پاٽنجر جي چالبازين سبب ٿيا. هن 1856ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو